SINDHI / سنڌي Coronavirus (Covid19) GuidanceSINDHI / سنڌي 19-COVID ڪورونا وائرس متعلق ڄاڻ _ سنڌي SINDHIَ ھيء ھڪ نئین وچڙندڙ بیماري آھي جیڪا اوھانجي ڦڦڙن ۽ ساھ جي نالین کي متاثر ڪري سگھي ٿي.َ ھيء ھڪ وائرس ڪارڻ ٿئي ٿي _ جنھن کي ڪورونا وائرس چیو وڃي ٿو.اسان مان ھر ھڪ کي پنھنجن گھرن تائین محدود رھي ڪورونا وائرس جي وچڙڻ کان روڪڻ ۾ مددگارٿیڻو پوندو.ِ اھا مدد ھر عمر جي ماڻھو کي ڪرڻي آھي پوء َ ڀلي اوھان ۾ ھن بیماريء جون علامتون نہ ھجن یا ڀلياوھان بظاھر صحتمند ھجو.اوھان پنھنجو گھر صرف ان صورت ۾ ڇڏي سگھو ٿا، جڏھن:_ اوھانکي روزمره استعمال جو سامان خرید ڪرڻو ھجي. سو بہ بیحد ضرورت وقت._ روز ڪنھن ھڪ قسم جي ورزش کي وقت ڏیندڙ ھجو.جھڙوڪ: سائیڪل ھلائڻ، چھل قدمي، اڪیلي سر یا گڏ رھندڙ ماڻھن سان._ اوھانکي ڪا طبي ضرورت ھجي. جھڙوڪ: دوا وغیره وٺڻ یا ڪنھن مریض کي گھربل سامانپھچائڻو ھجي._ اوھانکي روزگار خاطر سفر ڪرڻو پوي. سو بہ جڏھن اھو بنھ ضروري ھجي.جیڪڏھن :_ اوھانکي ایترو تیز بخار آھي جو اوھان ھٿ لڳائي پنھنجو سینو ۽ پٺ انتھائي گرم محسوس ڪریو ٿا_ اوھانکي نئین ۽ مسلسل کنگھ آھي یا مستقل کنگھ شروع ٿي آھي تہ اوھانکي گھر ۾ رھڻ گھرجي.اوھانکي گھر ۾ رھڻ گھرجي ۽ اڪیلي سر رھڻ وارین سمورین ھدایتن تي سختي سان عمل پیرا رھڻگھرجي تہ جیئن ڪورونا وائرس جي ممڪنہ وچڙڻ واري خطري کان اوھانجا گھر ڀاتي محفوظ ھجن. ِ گھرن کان ٻاھر ٻن کان وڌیڪ ماڻھن جي گڏجاڻین بشمول مذھبي گڏجاڻین (سواء آخري رسمن جيادائیگي) تي پابندي آھي. انھن ھدایتن تي عمل ڪرڻ بیحد ضروري آھي ٻي صورت ۾ اوھان تي 30 کان100 پائونڊ ڏنڊ لڳي سگھي ٿو.پولیس، امیگریشن کاتي جا آفیسر ۽ فوج عوامي صحت َ جي ڀلائيء خاطر سمورین ھدایتن تي عملڪرائڻ ۽ طبي توڙي کاڌ خوراڪ ۽ ٻین ضروري سھولتن کي یقیني بنائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ڪريسگھن ٿا.ِ ڪورونا وائرس ڪارڻ امیگریشن ضمانت واري ش ِ ڪَ کي ڪجھ وقت لاء موخر ڪیو ویو آھي. انحوالي سان اوھانکي نئین تاریخ بابت تفصیلي ایس.ایم.ایس موصول ٿیندو ِ . پناھ خاطر رھندڙن لاء وڌیڪَ ڄاڻ یا ھدایتن ۾ تبدیليء ِلاء ڏسو https://www.refugeecouncil.org.uk/latest/news/changes-to-home-office-asylum-resettlement-policy-and-practice-in-response-to-covid-19/ ڪورونا وائرس کان گھڻي خطري ۾ ڪیر آھي ؟ ڪورونا وائرس ڪنھن کي بہ شدید بیمار ڪري سگھي ٿو پر ڪجھ ماڻھو ان حوالي سان شدید ُھي ماڻھو شدید خطري ۾ آھن جیڪي: خطري ۾ آھن. جھڙوڪ ا_ ڪو عضوو منتقل ڪري چڪا ھجن_ مختف قسم جي ڪینسر جي علاج ھیٺ آھن_ رت، بون میرو ڪینسر یا لوڪیمیا ۾ مبتلا آھن_ سھڪي، دم یا ٻین قسمن جي ڦڦڙن جي بیمارین ۾ مبتلا آھن_ اھڙین حالتن ۾ مبتلا ھجن جو کین فوري انفیڪشن ٿي سگھيِ _ اھڙیون دوائون کائیندڙ ھجن جن سان سندن قوت مدافعت ڪمزور ھجي_ ویم سان ھجن ۽ کین دل جو عارضو پڻ ھجيجیڪڏھن اوھین سمجھو ٿا تہ اوھین مٿي ڄاڻایل شدید خطري ھیٺ ڪنھن قسم سان تعلق رکو ٿا ۽اوھانکي 29 مارچ 2020 تائین اوھانجي صحت سنڀال ٽیم یا ڊاڪٽر (جنرل فزیشن) پاران ڪوخط ناھي موصول ٿیو تہ اوھان پاڻ ان بابت ڊاڪٽر (جنرل فزیشن) سان ڳالھایو یا ڪنھن اسپتالسان رابطي ۾ اچو. جیڪڏھن اوھان جو ڪو ڊاڪٽر (جنرل فزیشن) ناھي تہ ڊاڪٽر آف دي ورلڊِ یو.ڪي جي سھڪار لاء 686 1647 0808) مفت ڪال) یا ھن اي _ میل وسیلي رابطي ۾ اچو.[email protected] شدید خطري ھیٺ ڄاڻیل ماڻھو ڪیئن محفوظ رھي؟جیڪڏھن اوھین ڪورونا وائرس کان بیمار ٿیڻ جي شدید خطري ھیٺ آھیو تہ اوھان کي ڪجھھیٺ ڄاڻایل اھم ۽ بیحد ضروري ھدایتن تي عمل ڪرڻ گھرجي._ گھر مان نہ نڪرڻ. اوھانکي ورزش، خریداري بشمو ِ ل دوائون وغیره وٺڻ لاء بہ ناھي نڪرڻو_ جیترو ممڪن ٿي سگھي گھر ڀاتین کان گھٽ ۾ گھٽ ٻن میٽرن (ٽن قدمن) ج ي مفاصلي تي رھوپنھنجي مٽن مائٽن، دوستن یا پاڙي وارن کان ِ دوائن ۽ ٻین ضرورت جي شین جي خریداري لاء مددحاصل ڪریو. یاد رھي ! اوھانجي ضرورت جون شیون ھو اوھانجي گھر ٻاھر ڇڏي وڃن.ِ جیڪڏھن اوھانکي کاڌ خوراڪ ۽ ٻین بنیادي ضرورت جي شین لاء ھوم ڊلیوري جي سھولتگھربل آھي تہ ھتي ڪلڪ ڪري رجسٽر ٿیوَ اوھانکي ھر وقت گھر ۾ رھڻ جي سختيء سان ھدایت ڪجي ٿي ۽ اوھان خط ملڻ جي تاریخ کانوٺي گھٽ ۾ گھٽ 12 ھفتن تائین ذاتي میل جول کان پري رھڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪریو.جیڪڏھن توھانکي ڪورونا وائرس مان شدید خطرو آھي تہ پنھنجي بچاء خاطر سرڪاري ویبسائیٽ تي ڏنل ھدایت نامو غور سان پڙھ ِ ڻ لاء ڪلڪ ڪریو . ِ ڪورونا وائرس جي ممڪنہ خطري ھیٺ ایندڙ گھراڻن لاء ضروري ھدایتون روزگار جي جڳھ، اسڪول، جي پيسرجري، فارمیسي یا اسپتال نہ وڃو پنھنجي استعمال جون شیون ڌار رکویا ِ استعمال کان اڳ ۽ پوء صفائي رکو مٽن مائٽن دوستن سڀني سان ویجھيرابطي ۾ اچڻ کان پاسو ڪریو جیڪڏھن ممڪن ھجي تہ اڪیلا سمھو عیادت یا ملاقات لاء ایندڙن سان نہ ملو کاڌ خوراڪ ۽ دوائون پاڻ وٽ گھرایو ھٿ بار بار ۽ چڱي طریقي سانڌوئیندا رھو علامتن ظاھر ٿیڻ بعد پیراسٽامال استعمال پاڻي وڌ ۾ وڌ پیئو ڪریو ڏسو لاء ڪرڻ حاصل ڄاڻ وڌیڪ ِ https://www.gov.uk/government/publications/covid-19-stay-at-home-guidance اڪیلي سر رھڻ وارین ھدایتن تي ڪیسیتائین رھڻ گھرجي ؟_ جنھن کي مٿي ڄاڻایل علامتون ھجن تنھن کي گھٽ ۾ گھٽ 7 ڏینھن ِ اڪیلي سر گھر اندر رھڻ گھرجي._ جیڪڏھن اوھان ٻین ماڻھن سان گڏ رھائش پذیر آھیو تہ انھن کي پڻ 14 ڏینھن تائین اڪیلو گھر ۾ رھڻگھرجي تہ جیئن وائرس گھر کان ٻاھر نہ پکڙجي._ پر، جیڪڏھن اوھانجي گھر مان ڪنھن کي بہ علامتون ھجن تہ ان کي علامتون ظاھر ٿیڻ واري ڏینھنکان وٺي ایندڙ 7 ڏینھن تائین گھر ۾ اڪیلو ِ رھڻ گھرجي. ڀلي پوء 14 ڏینھن کان بہ وڌیڪ وقت ڇو نہگھر ۾ رھڻو پئجي وڃي._ جیڪڏھن ھر صورت ۾ اوھانکي ھڪ ئي گھر ۾ رھڻو پیو پوي تہ جیترو ممڪن ٿي سگھي ھڪ ٻئيکان پري رھو.NHS111سان مونکي ڪڏھن رابطو ڪرڻ کپي؟_ جڏھن اوھان محسوس ڪریو تہ اوھین روزمره جا عمومي ڪم نہ پیا ڪري سگھو. ایتري قدر جو ٽيوي ڏسڻ، فون استعمال ڪرڻ، لکڻ پڙھڻ وغیره_ جڏھن اوھانکي لڳي تہ اوھان گھر ۾ رھندي پنھنجي بیماري ۾ بھتري محسوس نہ پیا ڪریو._ جڏھن اوھانجي حالت وڌیڪ خراب ٿیندڙ محسوس ڪریو._ جڏھن 7 ِ ڏینھن کانپوء بہ اوھانجي حالت ۾ بھتري نہ اچي.NHS111 سان ڪیئن رابطي ۾ اچجي؟ِ اھو معلوم ڪرڻ لاء این ایڇ ایس 111 جي آن لائ ین ڪورونا وائرس سروس استعمال ڪریو .جیڪڏھن اوھان آن لائین سروس تائین پھچ نٿا رکو تہ اوھین 111 تي ڪال ڪري سگھو ٿا. ان نمبر تيڪال بلڪل مفت آھي. َ ھن نمبر تي اوھانکي پنھنجي ٻوليء ۾ رھنمائي ڪندڙن کان مدد طلبي سگھجيٿي.جیڪڏھن مان پنھنجي امیگریشن بابت فڪرمند آھیان تہ ڇا ڪرڻ کپي؟ڪورونا وائرس جي باري ۾ این ایڇ ایس سروس یو ڪي ۾ ڪنھن جي امیگریشن واري حیثیت کانمٿانھین آھي ۽ بلڪل مفت سروس آھي. ان ۾ ڪورونا وائرس جي چڪاس ۽ علاج شامل آھي، ڀلي نتیجومنفي ئي ھجي. این.ایڇ.ایس اسپتال کي اھو ڄاڻا یل آھي تہ ڪورونا وائرس جي چڪاس یا علاج خاطرامیگریشن بابت تصدیق ڪرڻ جي گھرج ناھي.ِ ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ کان روڪڻ ۾ مدد لاء مان ڇا ٿو ڪري سگھان؟_ یقیني بڻایو تہ َ اوھان صابڻ ۽ پاڻيء جو استعمال ڪندي گھٽ ۾ گھٽ 20 سیڪنڊز تائین پنھنجا ھٿ باربار ڌوئیندائو._ جیڪڏھن اوھانکي علامت محسوس ٿئي تہ گھر ۾ رھڻ وارین صلاحن تي عمل ڪندائو.ھي ھدایت نامو این.ایڇ.ایس صحت بابت ھدایتن مطابق ترتیب ڏنل آھي ۽ ڪنھن بہ قومیت یا مت ڀید ۽ِ فرق بنا یو.ڪي ۾ مقیم ھر شخص لاء آھي.19-covid-coronavirus/conditions/uk.nhs.www://http : Guidance NHS ِ وڌیڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ این.ایڇ.ایس کان رھنمائي حاصل ڪرڻ لاء ڏسوWHO Guidance: https://www.who.int/news-room/q-a-detail/q-a-coronavirusesVersion 3 [24.03.2020]